ٽنڊو رحيم خان

ٽنڊو رحيم خان: ٽنڊو رحيم خان سنڌ جي سرحد تي هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ پوليس جو هڪ اهم ٿاڻو آهي. هن ٿاڻي جي اهميت ان ڪري به آهي، جو هيءُ ٿاڻو، بلوچستان صوبي جي ’ساروڻا ماٿريءَ‘ واري ضلعي ”جهالاوان“ جي مکيه رستي تي آهي. هن ڳوٺ جي ڀر ۾ ٻه پراڻا ماڳ آهن، جيڪي انگائي نئن جي ڪڙ تي، غازي شاهه کان هڪ ميل اتر ڏِس تي آهن. ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف هڪ دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 10 فوٽ آهي. ان جي هڪ حصي تي مسلمانن جون قبرون آهن، باقي بچيل جاءِ، چٽيل ٺڪرين ۽ پٿرن سان چٽڪمري لڳي پئي آهي. هي دڙو غازي شاهه کان ٽنڊي رحيم خان ويندڙ رستي تي موجود آهي. هن ماڳ جي کوٽائيءَ مان پٿرن مان ٺاهيل ڀتين جا ٽڪرا، ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون ڀڳل چوڙيون، پٿر جو وڏو ڇلو، ٺڪر جو ڀڳل ٿانءُ، جنهن جي اوچائي 13 انچ آهي، مليا آهن. ٽنڊي رحيم خان جا ٿانوَ، ڄاتل سڃاتل ٻه رنگي ورن سان آهن، جن جا پاسا سڌا آهن؛ رنگ ڦڪو اٿن. مٿن هلڪي ڳاڙهي يا ڀوري رنگ جو پٽو، مٿان ڪاري يا ميٽائين رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي، ڪيترن ٿانون تان اهو رنگ لهي ويو آهي. چٽ جو نمونو اهو آهي، جيڪو ٻين هنڌن تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيئن: ليڪُن سان هار جي طرز، جافريءَ جي ڄاريءَ سان يا رنگ سان ڀريل ڏيڏريون، چوڪڙيون، ڪونجون يا ڪرنگهيون، ڀريل ڇٻڙيون، جن جون ڪنڊون هيٺ جهڪيل آهن ۽ ماڪوڙا يا نانگ وَرَ ليڪون وغيره. سڀ کان دلچسپ هڪ گهڻ لِيڪي مانڌاڻي چٽ آهي، جنهن جي وچ تي ڇلو آهي. هن قسم جو وارن وارو چٽ بلوچستان جي ماڳن تان عام جام مليو آهي، پر ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽساليءَ واري ٿانوَ تي اهڙو چٽ غازي شاهه جي بلڪل هيٺئين تهه مان لڌو آهي. اهم ڳالهه اِها آهي ته هتان سنڌوسڀيتا سان لاڳاپيل ٺڪر جو هڪ به ٿانءُ ڪونه لڌو ۽ نه وري ڪا اهڙي شيءِ لڌي آهي، جنهن جو موهن جي دڙي جي ثقافت سان واسطو هجي.


لفظ ٽنڊو رحيم خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو